پنجن سنڌي نظمن جو مجموعو

پنجن سنڌي نظمن جو مجموعو (قلمي نسخو): برٽش ميوزيم ۾ موجود هن قلمي نسخي ۾ مختلف عنوانن تي پنج نظم گڏ ڪتابت ڪيل آهن. داخلا نمر 6533:OR: ڪل ورق 127، ڊيگهه پوڻا 8 انچ، ويڪر سوا 4 انچ، هر صفحي تي 11 سٽون تختي 3 انچ.
ارڙهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ لکيل هن جلد ۾ مواد جي جدا جدا ڪيفيت هن ريت آهي:
(الف) شان رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم
هي مختصر نظم، ورق 1 کان شروع ٿي ورق 10 تي ختم ٿئي ٿو:
ساراهجي سو ڌڻي، جنهن اُپايا اَڀ،
ساراهه سلطان جي، خلق ساراهي سڀ
(ب) پيغمبر اسلام جي پيدائش:هي نظم ورق 31 کان ورق 46 تائين آهي. ابتدا هن ريت آهي:
ساراهـجي سـو ڌڻـي، جـو قـادر ۽ قـديــم،
خالق رازق سڀن جــو، رحـمـٰن ۽ رحـيـم،
رحـمـت رهـجـي دائـمـا، اپــر اُت ڪـثيــر،
وسي واسي ميہ جيئن، مٿي محمــد مـيـر.
(ت) رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم ۽ بيبي خديجه رضي الله عنہ جي شادي: هن مختصر ڪتابڙي ۾ ورق 48 کان ورق 102 تائين حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم ۽ بيبي خديجه سڳوريءَ جي شاديءَ جي واقعي کي منظوم بيان هيٺ آندو ويو آهي. ابتدا هن ريت ملي ٿي:
...... پـاتشاهه وڏي ڌيءُ هئي،
صفت سونهن حسن سين خلق ذات ڌي،
پئي پڻ هئس پاتشاهه سدر سلطنت،
ڪي پڻ چون غني ۽ جھجي مال کرت.
(ث) جمجمه بادشاهه جو قصو: هي قصو مخطوطيءَ جي ورق 103 کان شروع ٿي ورق 110 تي پورو ٿئي ٿو. قصي جي ابتدا هن ريت ٿئي ٿي:
ساراهجي سو ڌڻي، جو سڀني سا
اپـائي ۽ کــپـائـي لـهـي سـڀن ....
صـفـن جي سبحان جي آهين ڌي ڌراءِ،
ڪارساز و صانع و ارض و سماءُ.
(ج) شهادت علي اڪبر: ورق 111 کان ورق 127 تائين ، شهزادي علي اڪبر رضه پٽ امام حسين رضه جي شهادت جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
واکـــر ورائـــي موٽـيـــو تهـــان پــوءِ سـالار،
آب آرتـــي ڪــاڏهــون اوتـيــاءَ اپـــار،
اميــر عـلي اڪـبر نگــر تهـن هـن منجهــان.
پيرين پئو امام حســين کي موڪل گھرياءِ مها.


هن صفحي کي شيئر ڪريو